پوپ فرانسس 88 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ويٽي ڪن: ڪيٿولڪ عيسائين جو روحاني اڳواڻ پوپ فرانسس 88 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي،هن سلسلي ۾ ويٽيڪن سٽي بيان جاري ڪري ڇڏيو، رومن ڪيٿولڪ چرچ جي پهرين لاطيني آمريڪي اڳواڻ پوپ فرانسس کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڊگهي بيماري کان صحتياب ٿيڻ کان پوءِ اسپتال مان فارغ ڪيو ويو هو.88 سالن جي پوپ فرانسس کي 14 فيبروري تي سخت ساهه جي تڪليف سبب اسپتال داخل ڪرايو ويو هو. پوپ فرانسس گذريل مهيني نمونيا جي ڪري اسپتال ۾ پنج هفتا گذارڻ کان پوءِ ويٽيڪن واپس آيو.ميڊيا رپورٽن موجب، پوپ فرانسس ايسٽر آچر تي ماڻهن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ايسٽر تي غزه ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو. پوپ فرانسس جو اصل نالو جارج ماريو برگوگليو آهي. هو 17 ڊسمبر 1936 تي ارجنٽائن جي شهر بيونس آئرس ۾ پيدا ٿيو. هو 2013 ۾ رومن ڪيٿولڪ چرچ جو سربراهه بڻيو. پوپ فرانسس اڳ ۾ ارجنٽائن جي راڄڌاني بيونس آئرس جو آرچ بشپ هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔