ايف بي آر ڇنڇر جي موڪل ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) آفيسن ۾ ڇنڇر جي موڪل ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ايف بي آر طرفان سڀني آفيسن ۾ ڇنڇر جي موڪل ختم ڪئي وئي آهي، اهو فيصلو مالي سال 25-2024 لاءِ مقرر ڪيل ٽيڪس وصولي جو هدف پورو ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي حڪمت عملي جو حصو آهي.

سڀني چيف ڪمشنرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي سرڪاري وقت جي سختي سان پابندي ڪن ۽ ڇنڇر کي معمول جي ڪم جي ڏينهن طور ڏسن.

30 جون 2025ع تائين سڀني ٽيڪس آفيسن جي ڇنڇر جي موڪل ختم ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔