ڪراچي ۾ اٽي جي قيمت ۾ 10 کان 17 رپيا في ڪلو گهٽتائي

ڪراچي : ڪراچي ۾ اٽي جي اگهن ۾ 10 کان 17 رپيا في ڪلو گهٽتائي ٿي وئي.اٽي جي اگهه جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب اٽي جو هول سيل اگهه 17 رپيا 66 رپيا في ڪلو ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب پرچون ۾ اڍائي اٽي جي قيمت ۾ 17 رپيا گهٽتائي کانپوءِ اٽي جو اگهه 70 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي.فائن اٽي جي هول سيل قيمت ۾ 10 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 78 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب فائن اٽي جي پرچون قيمت ۾ 10 رپيا 82 پئسا في ڪلو گهٽتائي ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه پرچون ملن ۾ اٽو 10 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 90 رپيا في ڪلو ملندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔