آءِ سي سي پاران مهيني جي بهترين رانديگر جي نامزدگين جو اعلان

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) مارچ 2025 جي مردن جي مهيني جي بهترين رانديگر جي ايوارڊ لاءِ نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ ايوارڊ لاءِ نامزدگين ۾ هڪ هندستاني ۽ ٻه نيوزي لينڊ ڪرڪيٽر شامل آهن.ڀارت جو شرياس اير، نيوزي لينڊ جو رچن رويندرا ۽ فاسٽ بالر جيڪب ڊفي مهيني جي بهترين رانديگر جي نامزدگين ۾ شامل آهن.رچن رويندرا آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 2025 ۾ شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي ڏيکاري هئي، جڏهن ته شرياس آئر هندستان کي آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 2025 کٽڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.جيڪب ڊفي کي پاڪستان خلاف تازي گهر واري وائيٽ بال سيريز ۾ شاندار ڪارڪردگي لاءِ نامزد ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔