يو اَي اِي پاران 5 سالن جي ملٽي پل ويزا جي سهولت

دبئي: متحده عرب امارات پاران 5سالن وارو ملٽي پل انٽري سياحتي ويزا هاڻي پاڪستاني شهرين لاءِ به دستياب آهي.متحده عرب امارات ڪجهه سال اڳ پنجن سالن وارو ملٽي پل انٽري سياحتي ويزا متعارف ڪرائي هئي، جيڪا سڀني ملڪن جي شهرين سميت پاڪستان لاءِ به موجود آهي. اميگريشن عملدارن موجب، هي ويزا خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ فائديمند آهي، جن کي اڳ ۾ ويزا جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو هو. اختيارين جو چوڻ آهي ته هي ويزا پنجن سالن لاءِ لاڳو هوندو ۽ درخواست ڏيندڙ کي ڪنهن به گارنٽر يا ميزبان کانسواءِ متحده عرب امارات ۾ بار بار اچڻ وڃڻ جي اجازت ڏيندو. اختيارين ٻڌايو ته پنجن سالن واري ويزا سان سياح هر دوري تي 90 ڏينهن تائين رهي سگهي ٿو، جنهن کي وڌيڪ 90 ڏينهن لاءِ وڌائي سگهجي ٿو، پر مجموعي طور ساليانو 180 ڏينهن کان وڌيڪ ترسيب نه هجڻ کپي. يو اي اي اميگريشن عملدارن موجب، ويزا لاءِ ڪجهه ضروري دستاويزن جي ضرورت پوندي: جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينن تائين ويلڊپاسپورٽ جو هجڻ، تازي رنگين تصوير، واپسي جو ٽڪيٽ، رهائش جو ثبوت (هوٽل بڪنگ يا رهائشي پتو)، بئنڪ اسٽيٽمينٽ، جنهن ۾ گذريل 6 مهينن دوران اڪائونٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4,000 آمريڪي ڊالر يا ان جي برابر رقم هجي ۽ متحده عرب امارات ۾ قبوليت واري هيلٿ انشورنس هجڻ لازمي آهي. حڪام ٻڌايو ته درخواست جو عمل سولو آهي ۽ درخواست جمع ڪرائڻ کان 48 ڪلاڪن اندر منظوري ملڻ جي اميد آهي، جڏهن ته ويزا لاءِ درخواستون آن لائن يا منظوري شده ويزا سينٽرن ذريعي جمع ڪرائي سگھجن ٿيون. حڪام موجب، هي ويزا سڀني ملڪن جي شهرين لاءِ موجود آهي، خاص طور تي پاڪستانين لاءِ هڪ بهترين آپشن آهي، جيڪي پنهنجي خاندان سان ملڻ، ڪاروباري موقعن جي تلاش يا ڊگهي موڪلن لاءِ يو اي اي اچڻ چاهين ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔