ڪراچي: صدر آصف زرداري خلاف اعتراض جوڳي پوسٽ ڪندڙ پوليس آفيسر پيڪا قانون تحت گرفتار

ڪراچي: صدر پاڪستان جي خلاف اعتراض جوڳي پوسٽ ڪرڻ ڪراچي جي پوليس آفيسر کي مهانگي پئجي وئي اسٽيشن انويسٽيگيشن آفيسر(ايس آءِ او) ابراهيم حيدري جي خلاف پيڪا ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪري سکهن پوليس ابرار شاهه کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب جاچ آفيسر ابرار شاهه فيس بڪ تي 2 اپريل تي پوسٽ ڪئي هئي جنهن ۾ صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي خلاف اعتراض   جوڳا لفظ لکيا ويا هئا.

ڪيس سکهن ٿاڻي جي ڊيوٽي آفيسر يعقوب جي مدعيت ۾ داخل ٿيو، ڪيس جي متن ۾ ڊيوٽي آفيسر يعقوب پنهنجي موبائل فون تي ماڻهن جا ڪمنٽس پڙهي رهيو هو، رات 8 لڳي 40 منٽن تي ابرار شاهه انگريزي ۾ ڪمنٽ لکيو.

ڊيوٽي آفيسر يعقوب جي بيان موجب ابرار شاهه اهم عهدي تي ويٺل شخصيت جي طرف اشارو ڪندي اعتراض جوڳا لفظ لکيا جنهن سبب منهنجي ۽ ٻين شهرين جي دل آزاري ٿي، جڏهن ته اهو فعل پيڪا ايڪٽ جي قلم 504 ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ(پي پي سي) جي قلم 21 جي تحت اچي ٿو. ڪيس جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ابرار شاهه جي خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ  آفيسر ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔