مان 2028 جي اليڪشن اوباما خلاف وڙهڻ چاهيان ٿو: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو 2028 جي چونڊن ۾ اڳوڻي ڊيموڪريٽڪ صدر بارڪ اوباما خلاف وڙهڻ چاهي ٿو.پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ چونڊن ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر بارڪ اوباما کي پنهنجي مخالف طور ڏسڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو هڪ سٺو مقابلو هوندو.اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته هن وقت ماڻهو مون کي ٽيون ڀيرو چونڊ وڙهڻ لاءِ چئي رهيا آهن.هن چيو ته مون ان حوالي سان ڪا به تحقيق نه ڪئي آهي، پر مان اهو ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن لاءِ اسان وٽ 4 سال آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔