آرمي چيف جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي، اهم شخصيتن پاران تعزيت

راولپنڊي : آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي والده لاڏاڻو ڪري وئي،آرمي چيف جي ماءُ گذريل رات فوت ٿي وئي ۽ سندس جنازي نماز اڄ راولپنڊي ۾ ادا ڪئي ويندي. جنازي نماز ۾ صدر، وزيراعظم، وفاقي وزير، پارليامينٽ جا ميمبر، هٿياربند فوج جا آفيسر ۽ جنرل عاصم منير جي خاندان جا ميمبر شرڪت ڪندا.صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني سميت اهم شخصيتن آرمي چيف سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل عاصم منير جي والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته اهي سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. وزيراعظم مرحوم جي بلند درجن جي لاءِ دعا به ڪئي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز، ريلوي واري وزير حنيف عباسي، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به آرمي چيف سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ بلند درجن جي لاءِ دعا ڪئي آهي.سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ اڳواڻن به آرمي چيف سان سندس ماءُ جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هڪ بيان ۾، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجات بلند ڪري ۽ سوگوار پونئرن کي صبر عطا ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔