سون هزارين رپيا مهانگو، تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي: پاڪستان ۾ سون جي جي اگهه قيمت ۾ 4700 رپين وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ في تولو سون تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 4700 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 14 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 4 هزار 30 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 69 هزار 204 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ في اونس سون 46 ڊالر اضافي سان 2 هزار 9 سئو 88 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

ياد رهي ته سون جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن به قيمت 2800 رپيا وڌي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔