راولپنڊي: ڏکڻ وزيرستان جي علائقي اعظم ورسک بازار جي مسجد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ جي يو آءِ جي ضلعي امير سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب اعظم ورسک جي مسجد ۾ ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
ڊي پي او آصف بهادر نجي ٽي وي چينل کي ٻڌايو ته ڌماڪيدار مادو مسجد ۾ نصب ڪيو ويو هو، ڌماڪي ۾ جي يو آءِ ضلعي امير عبدالله نديم سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.