پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب، حڪومت اپوزيشن جو احتجاج روڪڻ جي حڪمت عملي ٺاهي ورتي

اسلام آباد: پارليامينٽ جي اڄ ٿيندڙ گفڏيل اجلاس جو ايجنڊا به جاري ڪيو ويو آهي. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ ٻنپهرن جو 3 وڳي ٿيندو جنهن کي صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندو. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندو.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو ٻن نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا به جاري ڪيو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري اتحادي حڪومت جي هڪ ساله ڪارڪردگي تي ڳالهائيندو. صدر جي خطاب کان علاوه ايوان ۾ ڪابه ٻئي ڪارروائي نه ٿيندي، صدر جو خطاب مڪمل ٿيندي ئي اجلاس اڻڄاتل مدي جي لاءِ ملتوي ڪيو ويندو.

صدر جي خطاب دوران اپوزيشن ميمبرن جي احتجاج ڪرڻ جو به امڪان آهي جڏهن ته حڪومت به اپوزيشن جي امڪاني احتجاج کي ناڪام بنائڻ جي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف ايوان ۾ پهچڻ تي صدر آصف علي زرداري جو استقبال ڪندو.  صدر  جي خطاب کان اڳ اسپيڪر چيمبر ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔