وچ اوڀر صورتحال: صدر اهم اجلاس طلب ڪري ورتو، وزيراعظم، وفاقي وزير ۽ عسڪري قيادت شريڪ ٿيندي

اسلام آباد:ۡ  وچ اوڀر صورتحال ۽ پاڪستان جي ٽياڪڙي واري معاملي تي صدر آصف علي زرداري اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، اهم وفاقي وزير، اعليٰ عسڪري قيادت ۽ چئني صوبن جي وڏن وزيرن جي شرڪت جو به امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وچ اوڀر جي صورتحال غور هيٺ ايندي. اجلاس ۾ ايران، آمريڪا، اسرائيل جنگ ۽ هينئر تائين جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ عرب ملڪن تي حملن سبب پيدا ٿيل صورتحال تي به غور ڪيو ويندو.

ذريعن موجب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چئن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان اجلاس بابت به بريفنگ ڏيندو. ملڪ ۾ موجود پيٽروليم ذخيرا ۽ ورهاست جو به جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ ڪفايت شعاري پاليسي ۽ قدمن تي عملدرآمد جو به جائزو ورتو ويندو.

 

تبصرے بند ہیں۔