وچ اوڀر تڪرار: سعوديه، ترڪي ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن سان سڀاڻي اهم ملاقات ٿيندي، اسحاق ڊار تصديق ڪري ڇڏي
اسلام آباد: نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان ۾ سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن جي ميزباني جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي اسحاق ڊار چيو ته سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جا پرڏيهي وزير سڀاڻي اسلام آباد ۾ ملندا، ٽنهي ملڪن جا پرڏيهي ٻئي ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سان به ملاقات ڪندا.
هن ٻڌايو ته اسان جي ملاقات ترڪيه ۾ طئي هئي، مصروفيت سبب مون ڀائرن کي اسلام آباد ۾ ملڻ جي دعوت ڏني، ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان تڪرار ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سمورا دوست ملڪ به تعاون ڪري رهيا آهن.
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ايران سان ڳالهيون جاري آهن، ڳالهين سبب ميڊيا سان ڳالهائڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته انهي کان اڳ اها خبر سامهون آئي هئي ته آمريڪا جنگبندي جي لاءِ پاڪستان جي ذريعي ايران کي 15 نڪتن تي ٻڌل فارمولو پيش ڪيو جنهن جي ايران به تصديق ڪئي جنهن کان پوءِ ايران پاڪستان جي ذريعي پنهنجو جواب آمريڪا تائين پهچايو.
تبصرے بند ہیں۔