اليڪشن ڪميشن بلوچستان حڪومت جو اين اي 256 جي ضمني چونڊن ۾ واڌ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  اليڪشن ڪميشن بلوچستان حڪومت جو قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 256 خضدار جي ضمني چونڊن ۾ واڌ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي.

بلوچستان حڪومت طرفان تڪ اين اي 256 تي  چونڊن جي تاريخ ۾ واڌ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ويو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته اين اي 256 خضدار ۾ امن امان جو مسئلو آهي انهي ڪري چونڊن جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وڃي.

پر هاڻ ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن تاريخ ۾ واڌ جو بلوچستان حڪومت جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب اين اي 256 خضدار ۾ ضمني چونڊون 5 اپريل 2026 تي شيڊول آهن اها سيٽ بي اين پي مينگل جي سربراهه اختر مينگل جي اسيمبلي تان استعيفيٰ کان پوءِ خالي ٿي هئي.

 

تبصرے بند ہیں۔