اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب ڪيپٽن ۽ سپاهي شهيد

راولپنڊي: اتر وزيرستان جي سرحدي علائقي تي دهشتگردن سان مقابلي دوران ڪيپٽن ۽ سپاهي شهيد جڏهن ته هڪ دهشتگرد به مارجي ويو.

رپورٽ موجب اترين ۽ ڏاکڻي وزيرستان جي حدن ويجهو سيڪيورٽي فورسز جي پيٽرولنگ پارٽي تي دهشتگردن طرفان فائرنگ ڪئي وئي.

سيڪيورٽي فورس جي دهشتگردن سان چڪرين دوران هڪ دهشتگرد به مارجي ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڪيپٽن صبيح ۽ سپاهي نويد شهادت ماڻي. جڏهن ته دهشتگردن سان مقابلي دوران 2 سپاهي زخمي به ٿيا جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي فورس آپريشن ڪري ڪمپائونڊ کي دهشتگردن کان ڪليئر ڪرائي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔