ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي،ايم ڪيو ايم لنڊن جا 2 ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي : پيرآباد واري علائقي ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري ايم ڪيو ايم لنڊن جا 2 ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ڪري ورتا. گرفتار ٽارگيٽ ڪلرس جي سڃاڻپ مدثر امير ۽ منهاج شاهد طور ٿي سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا. پوليس موجب گرفتار جوابدار مدثر امير پوليس اهلڪار شفيق سميت 6 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث آهي. جوابدار منهاج شاهد ايم ڪيو ايم جي ٽارگيٽ ڪلرس جي مخبري ۽ هٿيار خريد ڪندو هو. سندس وڏو ڀاءُ اڳوڻو سيڪٽر انچارج ۽ اڳوڻو صوبائي اسيمبلي جو ميمبر رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔