اسلام آباد: پاڪستان ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهيون تقريبن مڪمل ٿي ويون آهن، جنهن کان پوءِ پاليسي سطح تي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهين جو پهريون سيشن ناڻي واري وزارت جي عملدارن سان ۽ ٻيو ايف بي آر جي عملدارن سان مڪمل ٿي چڪو آهي. 37 مهينن لاءِ گذريل سال منظور ڪيل 7 ارب ڊالي جي قرض مان هڪ ارب ڊالر جي قسط جاري ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف جو 9 رڪني وفد 10 ڏينهن جي جائزي لاءِ پاڪستان آيل آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ پاليسي سطح جون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، جن جي اڳواڻي ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ۽ ناٿن پورٽر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ناڻي سيڪريٽري ۽ چيئرمين ايف بي آر پڻ ڳالهين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. ناڻي واري وزير جو چوڻ آهي ته اساجي تياري مڪمل آهي ۽ ڪا وڏي رڪاوٽ نظر نٿي اچي. ڪجهه فني نوعيت جي معاملن ۾ ڊيڊ لائين جو مسئلو آهي جيڪو پڻ چند هفتن يا مهيني ۾ مڪمل ٿي ويندو. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ 7 ارب ڊالر جي قرض پروگرام لاءِ پاليسي ڳالهيون جاري آهن جيڪو 2 هفتن تائين جاري رهندو.انهن ڳالهين کان پوءِ، جائزو مشن پنهنجون سفارشون آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ کي پيش ڪندو، جيڪو 1.1 بلين ڊالر جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ ۽ هن مهيني جي آخر ۾ يا اپريل جي شروعات ۾ بجلي سستي ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت آخري فيصلو ڪندو.