نيويارڪ : هالي ووڊ فلم ‘انورا’ آسڪر ايوارڊ ۾ بهترين فلم جو ايوارڊ کٽيو، 97 هين اڪيڊمي ايوارڊز جي تقريب ڪالهه آمريڪا جي شهر لاس اينجلس ۾ ڊولبي ٿيٽر ۾ منعقد ڪئي وئي.آسڪر ايوارڊ جي 23 مختلف ڪيٽيگريز ۾، فلم ‘انورا’ 5 ڪيٽيگريز ۾، فلم ‘دي برٽلسٽ’ 3 ڪيٽيگريز ۾، جڏهن ته فلم ‘وِڪڊ، اميليا پيئرس’ ۽ فلم ‘ڊيون پارٽ 2’ 2-2 ڪيٽيگريز ۾ ايوارڊ کٽيا.سڀ کان وڌيڪ آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ فلم ‘انورا’ کي بهترين تصوير، بهترين ڊائريڪٽر، بهترين اداڪارا، بهترين ايڊيٽنگ، ۽ بهترين اصل اسڪرين پلي جي ڪيٽيگريز ۾ ايوارڊ ڏنا ويا.ٻئي طرف، ايڊرين بروڊي کي فلم ‘دي بروٽالسٽ’ ۾ سندس ڪارڪردگي لاءِ بهترين اداڪار جو ايوارڊ ڏنو ويو.