دهشتگردي پويان منظم غيرقانوني اسپيڪٽرم آهي، هٿ وجهون ٿا ته ڪوڙا بيانيا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن: آرمي چيف

بهاولپور: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته جيستائين عظيم مائرون پنهنجا ٻار قوم تي قربان ڪنديون رهنديون، اسان کي ڪير به نقصان نٿو پهچائي سگهي، بهاولپور ۾ شاگردن سان ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته دهشتگردي پويان هڪ منظم غيرقانوني اسپيڪٽرم موجود آهي، مخصوص ماڻهو اُن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن، جڏهن به رياست اُنهي اسپيڪٽرم ۾ هٿ وجهندي آهي ته ڪوڙا بيانيا ٻڌڻ لاءِ ملندا آهن. آرمي چيو ته جستيائين نوجوان فوج سان گڏ بيٺل هوندا ڪو به اسان کي نقصان نٿو پهچائي سگهي، آرمي چيف چيو ته پاڪستان الله پاڪ جو عطا ڪيل املهه تحفو آهي، جنهن کي الله ڪيترين ئي نعمتن سان نوازيو آهي. هن چيو ته اسان کي ڪڏهن به پنهنجي عقيدي، اسلام ۽ سماجي قدرن کي نه وسارڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ هر ڪنهن کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته غير ضروري تنقيد ڪرڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي ۽ ذميوارين تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔