اسلام آباد : اي پاسپورٽ ٺهرائڻ جي خواهشمند پاڪستانين لاءِ سٺي خبر اچي وئي.
ڊي جي پاسپورٽس جي ڪوششن سان جرمني مان 6 نوان ڊيسڪ ٽاپ پرنٽرز ڪراچي پهچي ويا آهن.
ڊي جي پاسپورٽس مصطفيٰ جمال قاضي نون پرنٽرز جي انسپيڪشن ۽ ڊيليوري لاءِ جرمني جو دورو ڪيو، جتي هن پرنٽرز جي فئڪٽري جو معائنو پڻ ڪيو.
هن ٻڌايو ته نون پرنٽرز ۾ هڪ ڪلاڪ اندر هڪ هزار پاسپورٽ پرنٽ ڪرڻ جي صلاحيت آهي، جنهن سان اي پاسپورٽس جي تياري جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو.
ڊي جي پاسپورٽ موجب نوان ڊيسڪ ٽاپ پرنٽرز فنڪشنل ٿيڻ کانپوءِ پاسپورٽ جي ترسيل وڌيڪ تيز ٿي ويندي.
اي پاسپورٽ جا فائدا
دنيا جي 150 کان وڌيڪ ملڪن اڳ ئي اي پاسپورٽ استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ملڪ سرحدي حفاظت جي بهتري لاءِ ان سسٽم تي منتقل ٿي چڪا آهن.
پاڪستاني اي پاسپورٽ رکندڙ افراد ايئرپورٽس تي اي-گيٽس جي سهولت مان فائدو وٺي سگهن ٿا.
ان سان نه رڳو دستي نظام ۾ موجود رنڊڪن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، پر آن لائن درخواستن جي پروسيسنگ پڻ آسان ٿيندي.
ان بابت وڌيڪ تفصيلات ڊي جي آءِ اينڊ پي جي ويب سائيٽ تي موجود آهن.
ڇاڪاڻ ته اي پاسپورٽ ۾ مختلف سيڪيورٽي چيڪ موجود آهن، تنهنڪري هي نظام خاص طور تي پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.
