حڪومت پاران 300 يونٽ وارن صارفين لاءِ رليف جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي حڪومت زرعي ٽيوب ويل صارفين ۽ 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ وڏي رليف جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پاور ڊويزن موجب، 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين ۽ زرعي ٽيوب ويلز لاءِ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ مد ۾ رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته جون 2015 کان 300 يونٽ تائين بجلي صارفين لاءِ فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ رعايت روڪي وئي هئي، جڏهن ته زرعي ٽيوب ويلز لاءِ اها رعايت ڊسمبر 2010 ۾ ختم ڪئي وئي هئي.

پاور ڊويزن جو چوڻ آهي ته نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي ٻنهي درجن جي صارفين لاءِ فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ گهٽتائي جو فائدو ڏيڻ بابت خط موڪليو ويو آهي.

انهيءَ فيصلي سان زرعي ٽيوب ويل مالڪن ۽ 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين جي ماهوار بلن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔