مصطفيٰ عامر قتل ڪيس: آءِ جي سنڌ ۽ ڪراچي پوليس چيف وزيراعليٰ هائوس طلب

ڪراچي: مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ڪراچي پوليس چيف کي وزيراعليٰ هائوس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

آءِ جي ۽ ڪراچي پوليس چيف کان علاوه ڊي آءِ جي سي آءِ اي، ايس ايس پي اي وي سي سي ۽ ايس ايس پي ايس آءِ يو به سي ايم هائوس ۾ طلب ڪيا ويا آهن جتي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو مصطفيٰ عامر قتل ڪيس بابت بريفنگ ڏيندو.

بريدنگ ودران جاچ ۾ ڪهڙيون ڪاميابيون حاصل ٿيون، انهي جو احوال ٻڌايو ويندو. هوڏانهن گرفتار جوابدارن ارمغان، ساحر حسن جاچ دوران ڪهڙا ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن انهي حوالي سان به اختيارين کي آگاهه ڪيو ويندو.

پوليس اختيارين موجب وزيراعليٰ هائوس ۾ بريفنگ ڏيڻ کان علاوه آئنده جي لائحه عمل تي به اهم ڳالهيون ڪيون وينديون، جنهن ۾ وڏي اڳڀرائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔