مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي لاءِ رمضان ۾ رضاڪارن جي رجسٽريشن شروع

مڪو: مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي صلي الله عليه وآلہ وسلم جي ديني معاملن واري شعبي رمضان المبارڪ لاءِ رضاڪارن جي رجسٽريشن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، سعودي عرب جي افرادي قوت واري کاتي ۽ نيشنل سينٽر فار نان پرافٽ سيڪٽر جي سهڪار سان هن منصوبي جو مقصد زائرين جي خدمت لاءِ قومي ٽيلنٽ کي متحرڪ ڪرڻ آهي.

رضاڪارن لاءِ مذهبي تخصصات ۾ خاص پروگرام پيش ڪيا ويندا، جنهن تحت 100 کان وڌيڪ نوان موقعا فراهم ٿيندا، جڏهن ته هي پروگرام مجموعي طور 300 ڪلاڪن تي ٻڌل هوندو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، رضاڪارن جي ڀرتي لاءِ هڪ گڏيل ڊيٽا بيس تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ذريعي زائرين جي رهنمائي، آگاهي، ميڊيا، ٽيڪنيڪل خدمتن، قرآن جي تلاوت جي درستگي ۽ ترجمي جي شعبن ۾ رضاڪار ڀرتي ڪيا ويندا

facebook sharing button
twitter sharing button
pinterest sharing button

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔