اپوزيشن پارٽين جي ڪانفرنس روڪڻ لاءِ هوٽل بند، اڳواڻ گيٽ ٽپي اندر داخل ٿي ويا

اسلام آباد: اپوزيشن پارٽين جي ڪانفرنس روڪڻ جي لاءِ انتظاميه هوٽل کي بند ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ ڪجهه اڳواڻ گيٽ ٽپي هوٽل ۾ داخل ٿي ويا.

نجي چينل جي رپورٽ موجب اپوزيشن پارٽين جي ڪانفرنس اسلام آباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيڻي هئي پر انتظاميه انهي کان اڳ ئي هوٽل کي تالا لڳائي بند ڪري ڇڏيو هو، پوليس موجب  هتي ڪنهن به قسم جي ڪابه ڪانفرنس ڪرڻ جي اجازت نه آهي.

انتظاميه طرفان اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن پارٽين جا ڪجهه اڳوان گيٽ ٽپي هوٽل ۾ داخل ٿيا ۽ هوٽل جو مرڪزي دروازو اندر کان کولي ڇڏيو جنهن کان پوءِ سمورا ماڻهو هوٽل ۾ داخل ٿي ويا.

اپوزيشن پارٽين جا اڳواڻ محمود خان اچڪزئي، شاهد خاقان عباسي، صاحبزاده حامد رضا ۽ سلمان اڪرم راجه هوٽل جي اندر داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

هوڏانهن هوٽل ۾ داخلا جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن پارٽين جي اڳواڻن هوٽل جي لابي ۾ ڪانفرنس ڪرڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته پوليس اهلڪار ۽ ايف سي جا دستا هوٽل جي ٻاهر موجود هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔