گلگت: تيز رفتار گاڏي فٽ پاٿ تي بيٺل 3 سڳين ڀينرن سميت 4 شاگرياڻين کي چيڀاٽي ڇڏيو

گلگت: گلگت جي علائقي بسين ۾ اسڪول وڃڻ جي لاءِ فٽ پاٿ تي بيٺل 3 سڳين ڀينرن سميت 4 شاگردن کي تيز رفتار گاڏي چيڀاٽي ڇڏيو.

رپورٽ موجب ٽئي سڳيون ڀينرون ٿڏي تي فوت ٿي ويون، جڏهن ته هڪ شاگردياڻي کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، اسپتال اختيارين موجب 4 ٻارڙين کي زخمي حالت ۾ اسپتال آندو ويو هو پر 3 ٻارڙيون جيڪي سڳيون ڀينرون هيون، زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويون.

اسپتال مان ملندڙ ڄاڻ موجب فوت ٿي ويل ٽئي شاگردياڻيون عبدالجليل نالي شخص جون ڌيئرون هيون جيڪي اسڪول جي ڀرسان رهائش پذير هيون، مقتول ٻارڙين جون عمرون 10 کان 12 سالن جي وچ ۾ هيون.

اختيارين موجب فوت ٿي ويل ٽنهي ٻارڙين جا لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن جڏهن ته 7 ورهين جي نينگري کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

واقعي کان پوءِ مڇريل ماڻهن گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي، پوليس موجب شاگردياڻين کي چيڀاٽيندڙ گاڏي جو مالڪ حادثي کان پوءِ فرار ٿي ويو آهي جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا مار ڪارروايون ڪيون پيون وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔