بدقسمتي سان ڪابه صوبائي حڪومت بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد: چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته بدقسمتي سان ڪابه صوبائي حڪومت بدلياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ بابت ٻڌڻي ٿي جنهن دوران اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي فوري طور تي چونڊون يقيني بنائڻ جي لاءِ قانونسازي جلد مڪمل ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو.

ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان چيو ته جڏهن به اليڪشن ڪميشن پنهنجون تياريون مڪمل ڪندي آهي ته صوبائي حڪومتون قانون ۾ ترميم ڪري ڇڏينديون آهن. بدقسمتي آهي ته ڪابه صوبائي حڪومت بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي.

ٻڌڻي دوران سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن پنهنجي موقف ۾ چيو ته صوبن 5 ڀيرا چونڊ قانون تبديل ڪيا ۽ شيڊول جي باوجود صوبي ۾ بلدياتي چونڊون مڪمل نه ٿي سگهيون.

ٻئي طرف پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته جيئن ئي قانونسازي مڪمل ٿيندي قانون جي تحت رولز ٺاهيا ويندا، پنجاب حڪومت صوبي ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ مدد لاءِ به تيار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔