ڪوئيٽا ۾ برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ، زيارت ۾ برفباري سبب موسم وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو

ڪوئٽه: بلوچستان ۾ داخل ٿيندڙ مغربي سلسلي جي تحت ڪوئٽه سميت مختلف علائقن ۾ برسات جڏهن ته زيارت ۽ ڀرپاسي ۾ برفباري سبب موسم وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو آهي.

موسميات کاتي موجب برفباري جو سلسلو اڄ صبح کان شروع ٿيو جيڪو اڃان تائين جاري آهي، برفباري سبب زيارت ۾ هر طرف برف نظر اچي رهي آهي.

زيرو پوائنٽ، چڪور تنگي، ملي گيٽ ۽ سڙي جي هنڌ تي به برفباري جاري آهي. برفباري جو سلسلو ايندڙ 12 ڪلاڪن تائين وقفي وقفي سان جاري  رهندو.

ڪوئٽه ۽ ڀرپاسي ۾ رات دير تائين وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهندو انهي سان گڏ برفباري ۾ به اضافو ٿي ويو آهي. شهر جي چوڌاري برسات جو سلسلو به جاري آهي جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته شهر جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي غائب ٿي وئي آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته صوبي جي مختلف علائقن ۾ به برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهندو جيڪو ايندڙ 12 ڪلاڪن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.

سبي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ بهار جي موسم جي پهرين برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب موسم وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو آهي. مستونگ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي جنهن سبب ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ۽ موسم خوشگوار ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔