وفاقي سرڪار پگهارن ۾ پاڻمرادو واڌ تي نيپرا کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار پگهارن ۾ پاڻمرادو واڌ تي نيشڻل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

راڻا محمودالحسن جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ڪابينه سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي حڪومت پگهارن ۾ پاڻمرادو واڌ تي نيپرا کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

نيپرا چيئرمين ۽ نيپرا ميمبرن پاڻمرادو پگهارن ۾ تقريبن 3 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي هئي. ذريعن  موجب پگهارن ۾ واڌ جي لاءِ وفاقي ڪابينه جي منظوري لازمي هوندي آهي پر نيپرا اٿارٽي بنا ڪنهن منظوري جي پگهارن ۾ 20 کان 22 لک روپين تائين جو اضافو ڪيو.

ڪابينه جي سيڪريٽري ڪامران علي افضل موجب نيپرا کان پگهارن ۾ واڌ جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. سيڪريٽري ڪابينه چيو آهي ته پگهارن ۾ واڌ نيپرا ايڪٽ جي سيڪشن 8 جي ڀڃڪڙي آهي. نيپرا کي لکت طور تي وضاحت ڏيڻي پوندي ته انهن اهو فيصلو ڇو ڪيو. سيڪريٽري ڪابينه چيو ته سمورا ريگوليٽري ادارا وزيراعظم يا ڪابينه جي ماتحت ايندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔