يوڪرين بابت سٺيون ڳالهيون ٿيون ، پراعتماد آهيان: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته يوڪرين تي سٺيون ڳالهيون ٿيون آهن، هو ان حوالي سان پراعتماد آهي،واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته يوڪرين گهڻو وقت اڳ هڪ معاهدو ڪري سگهي ها. هن چيو ته اسان يوڪرين ۾ ڪا به فوج نه موڪلي رهيا آهيون. جيڪڏهن يورپ يوڪرين ۾ امن فوج رکڻ چاهي ٿو ته اها سٺي ڳالهه آهي. مون کي نه ٿو لڳي ته سڀئي فوجون يورپ مان ڪڍڻيون پونديون. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته هو جلد ئي آمريڪا ۾ وڏين آٽو موبائيل ۽ اليڪٽرانڪ چپ ڪمپنين جي واپسي جو اعلان ڪندو.ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ۾ ڪار پلانٽ قائم ڪيا ويندا، ۽ آٽو ٽيرف لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔