پاڪستان چين ۽ آمريڪا وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.جرمن ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو سي پيڪ جهڙن منصوبن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ آمريڪا سان لاڳاپن کي ضروري قرار ڏنو.انٽرويو دوران بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي اندروني مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بهتر حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏنو.هن وڌيڪ چيو ته اسان موجوده ورڇ کي وڌائڻ بدران گهٽائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڊيل ميڪر آهي، پاڪستان آمريڪي صدر سان رابطو ڪري سگهي ٿو.بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت سان امن يا گهٽ ۾ گهٽ واپار يا لاڳاپا قائم ڪري سگهجن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔