لاهور: پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته مسئلن جو حل صرف اتفاق راءِ سان ممڪن آهي.هن چيو ته سياستدانن کي اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ويهڻو پوندو. اسد عمر چيو ته هڪ نئين جمهوري چارٽر جي ضرورت آهي. اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ جي ايتري بي عزتي شايد ئي ڪڏهن ٿي هجي جيتري اڄ آهي.