وزيراعظم شهباز شريف سان ايم ڊي آءِ ايم ايف جي ملاقات، پروگرام بهتر طريقي سان لاڳو ڪرڻ تي پاڪستان جي تعريف

دبئي: وزيراعظم شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران آءِ ايم ايف پروگرام سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون.

وزيراعظم شهباز شريف گذريل  ڏينهن دبئي ۾ ورلڊ گورنمنٽس سمٽ 2025 جي موقعي تي ايم ڊي آءِ ايم ايف ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام ۽ حڪومتي اصلاحات مان حاصل ميڪرو اڪنامڪ استحڪام تي ڳالهيون ٿيون.

تفصيل موجب آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف مالياتي نظم وضبط برقرار رکڻ تي به پاڪستان جي ارادن کي ظاهر ڪيو ۽ ٽيڪس اصلاحات، انرجي سيڪٽر جي بهتر ڪارڪردگي سميت اهم شعبن ۾ اڳڀرائي برقرار رکڻ جي ارادن جو اظهار ڪيو.

وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم آءِ ايم ايف جي ٽيم کي معاشي استحڪام جي لائحه عمل، موثر ڪارڪردگي ۽ منصوبه بندي جي پائيداري لاءِ به حڪومتي ارادن جو يقين ڏياريو.

انهي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ جاري اصلاحات تي ڳالهيون ٿيون. اسان ترقي ۽ معاشي استحڪام جي گڏيل ارادن جو اظهار ڪيو، ميڪرو استحڪام سان ترقي ۽ خوشحالي جي سفر تي آءِ ايم ايف جي مدد تي ٿورائتا آهيون.

ملاقات ۾ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي پروگرام بهتر طريقي سان لاڳو ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ اصلاحاتي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم  جي ذاتي ارادن جي پڻ  تعريف ڪئي. ڪرسٽالينا جارجيوا چيو ته وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم سان ملاقات  شاندار رهي. پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي حمايت يافته اصلاحات تي وزيراعظم جي ڪارڪردگي بهتر آهي، پاڪستان ۾ نوجوانن جي ترقي ۽ روزگار بابت  فيصلن جي حمايت ڪريون ٿا.

ڪرسٽالينا جارجيوا چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام کان سواءِ ترقي  طرف وڌي رهي آهي پاڪستان جي معيشت ۾ بهترين سڌارو اچي رهيو آهي. پاڪستان معاشي بحالي جي حصول کان پوءِ ترقي جي رستي تي گامزن آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔