ڪراچي: ڪراچي جي نوجوان سان محبت ۾ مبينه ڌوڪو کائيندڙ آمريڪي عورت اونيجا اينڊريو رابنسن شادي کان انڪار تي پهريان ايئرپورٽ ۽ هاڻ نوجوان جي گهر ٻاهران ڌرڻو هڻي ويهي رهي آهي. عورت آمريڪا واپسي جي لاءِ نوجوان سان ملاقات کان علاوه خرچ ڪيل رقم جي ادائيگي جي انوکي فرمائش به ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي گارڊن ويسٽ جي رهواسي نوجوان 19 ورهين جي نوجوان ندال احمد ميمڻ جي محبت ۾ گرفتار 33 ورهين جي آمريڪي عورت اونيجا اينڊريو رابنسن گذريل رات ايئرپورٽ کان نوجوان جي اپارٽمينٽ پهچي وئي ۽ اتي هن ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي
آمريڪي عورت اپارٽمينٽ جي پارڪنگ ۾ ڪرسي وجهي ويهي رهي، رات کان ڪرسي تي ويٺل عورت جا پير سڄي ويا آهن، اپارٽمينٽ جي يونين کيس واپس وڃڻ جو چيو پر عورت انڪار ڪري ڇڏيو. آمريڪي عورت جي موجودگي سبب گارڊن جي مذڪوره اپارٽمينٽ ۾ ماڻهن جي رش لڳي وئي آهي.
ٻئي طرف 19 ورهين جو نوجوان ۽ ان جا گهر ڀاتي گهر تي تالو هڻي نڪري ويا آهن، جڏهن ته عورت واپسي جي لاءِ نوجوان سان ملاقات ۽ هڪ لک ڊالر ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي.
آمريڪي عورت صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مون کي هڪ لک ڊالر ادا ڪيا وڃن، مان دبئي منتقل ٿي ويندس ۽ پنهنجي ٻارن کي به اتي گهرائي وٺندس، عورت وارننگ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مون کي رقم نه ملي ته مان ڪراچي جا چڪر لڳائيندي رهندس. عورت کان آمريڪا جي بجاءِ دبئي وڃڻ جو سبب پڇيو ويو ته هن چيو ته آمريڪا ۾ آبادي وڌي وئي آهي مان سڪون چاهيان ٿي انهي لاءِ پنهنجي ٻارن کي وٺي دبئي ۾ رهائش اختيار ڪندس.
عورت ڌوڪو ڏيندڙ نوجوان جي خلاف قانوني ڪارروائي جي سوال تي چيو ته مان ڪابه قانوني ڪارروائي نٿي ڪرڻ چاهيان، مون کي گذارو ڪرڻ جي لاءِ هڪ لک ڊالر گهرجن جيڪڏهن پئسا ملندا رهيا ته مان انهي جو احترام به ڪندس.
ياد رهي ته انهي کان اڳ گذريل ڏينهن عورت کي ملڪ واپس اماڻڻ جي لاءِ آمريڪي قونصل خاني جي 2 رڪني ٽيم ڪراچي ايئرپورٽ پهتي هئي ٽيم عورت سان ڳالهيون ڪيون ته جيئن انهي کي آمريڪا اماڻڻ لاءِ راضي ڪري سگهجي پر عورت آمريڪا واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ آمريڪي قونصل خاني جي ٽيم چيو ته عورت کي واپس اماڻڻ جي لاءِ زبردستي نٿا ڪري سگهون.