سيف جي پٽ ابراهيم جي فلمي دنيا ۾ انٽري، ڊيبيو فلم جي تصديق

ممبئي: مشهور بالي ووڊ هدايتڪار ڪرن جوهر سيف علي خان جي پٽ ابراهيم علي خان جي فلم ڊيبيو جي تصديق ڪئي آهي.ابراهيم علي خان جي فلمي دنيا ۾ انٽري جي حوالي سان ڪافي خبرون سامهون آيون هيون، جنهن جي آخرڪار ڪرن جوهر به تصديق ڪري ڇڏي.ڪرن جوهر سوشل ميڊيا تي هڪ ڊگهي پوسٽ ذريعي ان جي تصديق ڪئي جنهن ۾ هن امرتا سنگهه ۽ سيف علي خان سان پنهنجن لاڳاپن بابت پڻ ڳالهايو.ڊائريڪٽر ابراهيم جو حوالو ڏيندي چيو ته فلمون سندس رت ۾ آهن، سندس جينز ۾ آهن، ۽ اهو سندس جنون آهي.جڏهن ته، ڪرن جوهر فلم بابت ڪجهه به خاص ذڪر نه ڪيو ۽ صرف ابراهيم جي قابليت جي تعريف ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔