واشنگٽن : آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٻئي صدارتي مدي جو قسم کڻي ورتو آهي، ان موقعي تي ڪرپٽو ڪرنسي بِٽ ڪوائن جو مُلهه هڪ لک نَو هزار کان وڌيڪ جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو.واضح رهي ته پنهنجي صدارتي مهم دوران ڊونلڊ ٽرمپ ڪرپٽو ڪرنسي کي ضابطن کان آزاد ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو. بٽ ڪوائن جي قيمت ٽرمپ جي حلف برداري کان اڳ 109241 ڊالر تائين پهچي وئي، پر گرين وچ مين ٽائيم (جي ايم ٽي) موجب، ست لڳي 40 منٽ تي اها رقم گهٽجي 107765 ڊالر تي اچي وئي. دنيا جي سڀ کان وڏي ڪرپٽو ڪرنسي بٽ ڪوائن جي قيمت ٽرمپ جي نومبر ۾ صدارتي چونڊن ۾ فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ تيزي سان وڌي ۽ ڊسمبر جي شروعات ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک ڊالر جو حد پار ڪري وئي. تجزئي نگارن موجب، ان جو اهم ڪارڻ ٽرمپ طرفان آمريڪي سڪيورٽيز ريگوليٽر جي سربراهي لاءِ ڪرپٽو ڪرنسي جي حامي پال ايٽڪنز کي نامزد ڪرڻ هو، جنهن سان اهو اميد پيدا ٿي ته نئون صدر ان شعبي کي پابندين کان آجو ڪندو. واضح رهي ته ٽرمپ شروع ڪرپٽو ڪرنسيز کي ” دوکو “قرار ڏنو هو، پر هاڻي سندس موقف ۾ تبديلي آئي آهي ۽ چونڊ مهم دوران هو ڪرپٽو ڪرنسيز جو سڀ کان وڏو حامي بڻجي ويو آهي.