ڪراچي : سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس ڦهلجڻ واري خبر کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو.صحت واري وزير پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 100 کان وڌيڪ ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ کانپوءِ رڳو 7 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. ڊاڪٽر عذرا جو چوڻ هو ته موسمي فلو ۽ انفلوئنزا ۾ مبتلا ماڻهن جو احتياط سان ڪووڊ ٽيسٽ ڪيو ويو، ڪووڊ پازيٽيو ماڻهن ۾ فلو جون سخت علامتون هيون، ڪووڊ ۾ مبتلا ماڻهن کي ٿوري علامتن سبب گهر موڪليو ويو. صحت واري وزير چيو ته هاڻي سڄي دنيا ۾ ڪووڊ جو علاج فلو وانگر ڪيو وڃي ٿو، هاڻي ڪووڊ موسمي فلو وانگر آهي، ان ڪري گھٻرائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي.