190 ملين پائونڊ ڪيس، عمران خان کي 14 ۽ بشريٰ کي 7 سال قيد جي سزا

راولپنڊي : پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان کي 190 ملين پائونڊ ريفرنس ڪيس ۾ 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، اڊيالا جيل ۾ جج ناصر جاويد رانا 3 ڀيرا ملتوي ڪيل فيصلو ٻڌايو. عمران خان ۽ بشرا بي بي خلافالقادر ٽرسٽ المعروف 190 ملين پائونڊ ريفرنس ڪيس جو فيصلو ٻڌايو،عمران خان کي فيصلي لاءِ اڊيالا جيل جي عارضي ڪورٽ روم ۾ پهچايو ويو، سيڪورٽي ڪافي سخت ڪئي وئي هئي. جڏهن ته بشرا بي بي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر به جيل پهتا، ان کان علاوه شعيب شاهين، سلمان اڪرم راجا، علي ظفر ۽ ٻيا وڪيل به اڊيالا جيل واري عدالت ۾ موجود هئا. 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان کي 14 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته بشرا بي بي کي 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. جج پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جيڪڏهن عمران خان جرمانو ادا نه ڪيو ته کيس وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽڻو پوندو. جيڪڏهن بشريٰ بي بي جرمانو ادا نه ڪيو ته کيس وڌيڪ 3 مهينا جيل ۾ گذارڻا پوندا. ان کان علاوه، عدالت حڪومت کي القادر ٽرسٽ يونيورسٽي کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته جج جي فيصلي جي اعلان کان پوءِ بشريٰ بي بي کي عدالتي ڪمري مان گرفتار ڪيو ويو، ۽ جج ناصر جاويد رانا فيصلو ٻڌائڻ کان پوءِ عدالت مان روانو ٿي ويو. ياد رهي ته 27 فيبروري 2024 تي خان ۽ سندس گهرواري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو. اڳ ۾ 23 ڊسمبر تي فيصلو ٻڌائڻ جو چيو ويو جيڪو 6 جنوري تائين ملتوي ڪيو ويو ۽ وري 17 جنوري تائين ملتوي ڪيو ويو هو. نيب جو الزام آهي ته برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي غير قانوني طور خريد ڪيل ملڪيت واري ڪيس ۾ ملڪ رياض جي پراپرٽي ضبط ڪئي وئي جياڪ نيلام ڪري رقم پاڪستان جي حڪومت کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، بعد ۾ شهزاد اڪبر ۽ ملڪ رياض جي ملي ڀڳت سان اها رقم زمينن تي قبضي واري ڪيس ۾ سپريم ڪورت پاران ملڪ رياض تي لاڳو ڪيل ڏنڊ جي مد ۾ جمع ڪرائي وئي. جنهن جي منظوري هڪ بند لفافي م رکيل سمري ذريعي عمران خان ڪابينا مان منظوري ورتي هئي. اپوزيشن ليڊر عمر ايوب خان فيصلي جي مذمت ڪندي چيو ته اسين ان خلاف اپيل ڪنداسين. هن چيو ته ملڪ رياض اها پراپرٽي حسن نواز کان خريد ڪئي هئي، ان کان به پڇاڻو ٿيڻ گهرجي. ڪيس ۾  ذلفي بخاري، شهزاد اڪبر، فرح گوگي سميت 8 جوابدار هئا جن مان 6 کي روپوش قرار ڏئي عدالت سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. هن ڪيس ۾ عمران خان جي ڪابينا جي ٻن وزيرن پرويز خٽڪ ۽ زبيده جلال ۽ وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان به بيان قلمبند ڪرايا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔