ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي آهي، موجوده پروگرام آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو: محمد اورنگزيب

اسلام آباد: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقتصادي اصلاحات سبب مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ موجوده قرض پروگرام آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هوندو.

پرڏيهي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪيج کان پوءِ ڪريڊٽ ريٽنگ ۽ خودمختار ڪريڊٽ ريٽنگز ۾ بهتري آئي آهي، ميڊيا ۾ نظر ايندڙ صورتحال کان زميني صورتحال ڪافي بهتر آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ اقتصادي اصلاحات سبب مهانگائي ۾ گهٽتائي آهي ۽ موجوده پروگرام آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان چين جي مالياتي منڊين تائين پهچ لاءِ تيار آهي. پاڪ چين لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سي پيڪ هڪ اهم قدم آهي، پاڪستان ۽ چين جي گڏيل منصوبن جو هانگ ڪانگ ۾ لسٽنگ جو امڪان آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ چيني شهرين جي لاءِ سيڪيورٽي قدم کنيا پيا وڃن.

ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي يو آن بانڊ مارڪيٽ تائين پهچائڻ ۽ هانگ ڪانگ ۾ ڪارپوريٽ اسٽاڪ لسٽنگز جي حوصله افزائي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي آخر تائين پانڊا بانڊ به جاري ڪرڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔