دره آدم خيل جي نوجوان ڊبل بيرل پسٽل ٺاهي ورتو

اسلام آباد: درو آدم خييل جي نوجوان وسيم خان ڊبل بيرل پسٽل ٺاهيو آهي جيڪو سندس دعوا موجب دنيا جو انوکو پسٽل آهي. سندس چوڻ آهي ته دنيا م ڊبل بيرل شاٽ گن يا رپيٽر ته موجود آهن پر هن پنهنجي خانداني بزنس، هنر ۽ انجنيئرنگ جي صلاحيتن سان ڊبل بيرل پسٽل ٺاهيو آهي. ڊسڪور پاڪستان سان ڳالهائيندي هن چيو ته سندس خاندان 4 پيڙهين کان هٿيار ٺاهڻ جي ڪاروبار سان سلهاڙيل آهي. انجنيئرنگ جي ڊگر کان اڳ ئي مون هي ڪم والد صاحب کان سکيو هو ۽ انجنيئرنگ جي ڊگري بعد هن هٿيار سازي ۾ منفرد نوعيت جا 150 کان مٿي مختلف ننڍا وڏا هٿيار ٺاهيا آهن. دره آدم خيل اصل ۾ آدم خان فريدي جي نالي پويان آباد ٿيو، جيڪو خيبر پختونخوا جي ڪوهاٽ ضلعي جو تعلقو آهي. هن علائقي کي هٿيار سازي جي حوالي سان شهرت انگريزن جي دور ۾ 1897 ۾ ملي. ڪنهن وقت هتي اينٽي ايئرڪرافٽ گن کان پين گن تائين مختلف نوعيت جا هٿيار ٺاهيا ويندا هئا. هي قبائلي علائقو هجڻ ڪري صوبي جو عام قانون لاڳو نه هو پر فرنٽيئر ريگوليشن ۽ قبائلي ريت رسم ذريعي معاملا طئي ڪيا ويندا آهن. هتي لاءِ مشهور آهي ته دنيا جو ڪو به هٿيار هنن کي ڏيکاريو، هي هو بهو اهو تيار ڪري وٺندا آهن. وسيم خان جو چوڻ آهي ته هٿيار سازي جي صنعت ۾ فزڪس ۽ ميٿ جي اصولن جو گهنو استعمال ٿئي ٿو ۽ ان کانسواءِ ڪو به هٿيار نٿو ٺهي سگهي. هن ٻڌايو ته سندس ڊبل بيرل پسٽل جي قيمت هو 8 لک روپيا وصول ڪندو آهي.هڪ ڀيرو گهوڙو ڇڪڻ سان ٻه گوليون فائر ٿينديون آهن ۽ پسٽل ۾ ڏهه ڏهه گولين جون ٻه ميگزين هڪ ئي وقت لوڊ ٿين ٿيون. هي پسٽل برسٽ به هڻي سگهي ٿو. سندس چوڻ آهي ته هن لوهه ۽ المونيم جي ڌاتن مان ڌار ڌار اهي پسٽل تيار ڪيا آهن ۽ هو انهن هٿيارن لائيف ٽائيم گارنٽي ڏيڻ لاءِ به تيار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔