اسلام آباد : پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي خبردار ڪيو آهي ته حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور آخري ٿي سگهي ٿو.هڪ بيان ۾ هن چيو ته ميڊيا تي شير افضل مروت ۽ سلمان اڪرم راجا جي وچ ۾ جهيڙي کي ڏسي کيس ڏک ٿيو، ۽ سينئر پارٽي قيادت کي پارٽي اندر نظم و ضبط قائم ڪرڻ گهرجي.حڪومت سان ڳالهين جي حوالي سان هن چيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور آخري ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته حڪومت سنجيده ناهي. شوڪت يوسفزئي چيو ته حڪومت هاڻي پوئتي هلي رهي آهي. پي ٽي آءِ جو باني اڳ ئي چئي چڪو آهي ته حڪومت وٽ اختيار ناهي. جيڪڏهن آهي ته پوءِ ڳالهين واري ڪميٽي پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڇو نه ٿي ڪري؟ هن چيو ته اهو سٺو ٿيو ته پي ٽي آءِ ڳالهيون ڪري حڪومت کي بي نقاب ڪيو. حڪومت ڳالهين کان ڊڄندي نظر اچي ٿي. اسٽيبلشمينٽ کي هاڻي سمجهڻ گهرجي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي ملڪ تي بار آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اهي ماڻهو اُڏان پاڪستان جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، پر پئسا ڪٿي آهن؟ ٻن سالن ۾ 27 هزار ارب رپيا قرض ورتو ويو، ڇا پاڪستان قرضن تي هلندو؟ وفاقي حڪومت وضاحت ڪري ته 27 هزار ارب رپيا ڪٿي خرچ ٿيا ۽ قوم کي حساب ڏئي، عوام کي هڪ رپيو به رليف نه ملي سگهيو.شوڪت يوسفزئي اهو به چيو آهي ته پنجاب ۾ ترقي جا ڪوڙا دعوائون ڪيون پيون وڃن، ۽ ليپ ٽاپ ورهائڻ سان ماڻهن جا دل نه ٿا کٽي سگهجن.