ڪوئيٽا ۾ ٻن ڏينهن لاءِ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند

ڪوئيٽا : ڪوئيٽا ۾ امن امان کي نظر ۾ رکندي ٻن ڏينهن لاءِ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي ويئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آچر جي رات بند ڪيل موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس اڱارو 7 جوري جي رات 12 وڳي بحال ڪئي ويندي.واضح رهي ته جي يو آءِ بلوچستان ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.جي يو آءِ بلوچستان جي امير مولانا عبدالواسع جو چوڻ آهي ته جيستائين حق نه ملند،ا احتجاج جاري رهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔