آئيني بينچ پاران وفاقي سرڪار کان ڪچي آبادي بابت پاليسي رپورٽ طلب

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪچي آبادي ڪيس ۾ وفاقي سرڪار کان ڪچي آبادي بابت پاليسي رپورٽ ٻن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ ڪچي آبادي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس امين الدين خان چيو ته ڪچي آبادي کي ريگوليٽ ڪرڻ جو اختيار صوبن يا لوڪل گورنمينٽ جو آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته صوبائي اختيار تي وفاقي حڪومت ڇا قانون سازي ڪري سگهي ٿي؟، پهريان ته اهو ٻڌايو وڃي ڪچي آبادي ڇا هوندي آهي؟، بلوچستان ۾ ته سمورا گهر ڪچا آهن. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته قبضا گروپ ندي نالن جي ڪناري ڪچي آبادي ٺاهيندا آهن، عوامي سهولتن جي پلاٽ تي ڪچي آبادي گهر ٺاهيا ويندا آهن، حڪومت ڪچي آبادي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن. سي ڊي اي جي وڪيل چيو ته سڀ کان پهريان ته ڪچي آبادي کانسواءِ تعريف ئي ڪئي وڃي، سي ڊي اي ڏهن ڪچي آبادين کي نوٽيفاءِ ڪري رهيو آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪچي آبادي کانسواءِ ڪو قبضو آهي ته ڪارروائي ڪئي وڃي، غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ جو قانون موجود آهي،سي ڊي اي جي وڪيل چيو ته عدالت قبضو ختم ڪرائڻ خلاف منع نامو جاري ڪيو آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته منع نامو آهي ته ان کي عدالت کان ختم ڪرايو، حددخليون ڪيئن ٿي وينديون آهن، حددخلين ۾ ادارا جا ماڻهو به ملوث هوندا آهن، سڀ کان پهريان ڇپرا هوٽل ٺهندا آهن، آهستي آهستي آبادي ٿي ويندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔