جنگبندي معاهدو، حماس 34 اسرائيلين کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار

غزه : پرڏيهي خابرو اداري دعويٰ ڪئي آهي ته حماس جنگبندي معاهدي تحت 34 يرغمالين کي آزاد ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب دوحه ۾ غزه ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ ڳالهيون ٻيهر شروع ٿي ويون آهن، جڏهن ته قطر، مصر ۽ آمريڪا جي ثالثي ۾ معاهدي تي پهچڻ لاءِ ڪوششون ڪيترن ئي مهينن کان جاري آهن.نيوز ايجنسي جو چوڻ آهي ته حماس جي هڪ اڳواڻ پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته حماس اسرائيل طرفان قيدين جي مٽاسٽا واري معاهدي جي حوالي سان ڏنل فهرست مان 34 يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.حماس اڳواڻ جو چوڻ هو ته شروعاتي تبادلي ۾ غزه ۾ يرغمال بڻيل عورتون، ٻار، بزرگ ۽ بيمار سمورا ماڻهو شامل ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ڪجهه يرغمالي به مري ويا آهن، پر حماس کي سندن حالت جو اندازو لڳائڻ لاءِ وقت گهرجي.حماس اڳواڻ وڌيڪ چيو ته غزه ۾ حماس جي ويڙهاڪن سان رابطو ڪرڻ ۽ يرغمالين جي رابطي لاءِ ٻنهي جي زنده ۽ مئل هجڻ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو امن ضروري هوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔