اهڙو شخص ڳوليو جيڪو سڪون ڏئي سگهي: سنجيده شيخ

ممئي : ويب سيريز ”هيرا منڊي“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ سنجيده شيخ جو چوڻ آهي ته زندگي ۾ اهڙو شخص ڳولڻ گهرجي، جيڪو سڪون ڏئي سگهي.
هڪ انٽرويو ۾ سنجيده شيخ چيو ته منهنجو ذاتي طور تي خيال آهي ته اڄ به پيار ڪرڻ ڏکيو ناهي، منهنجي خيال ۾ محبت هڪ خوبصورت احساس آهي، هڪ اهڙي شخص جي ڳولا ڪئي وڃي، جيڪو توهان جي روح کي پرسڪون ڪري سگهي.
واضح رهي ته سنجيده شيخ 2020 ۾ مڙس عامر علي کان طلاق ورتي هئي، جنهن کانپوءِ مٿس تنقيد ڪئي ويندي آهي.
اداڪارا موجب سڀني جي زندگي ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو آهي، مان پنهنجي لاءِ ڪيل فيصلن تي خوش آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔