ڀارتي حڪومت جي سرپرستي هيٺ دنيا ۾ ٿيندڙ دهشتگردي بي نقاب

واشنگٽن: آمريڪي اخبار ڀارتي حڪومت جي سرپرستي ۾ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ دهشتگردي ۽ سنگين انساني ڏوهن ۾ ملوث ڀارتي حڪومت جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ ڪاررواين کي فاش ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪي اخبار لکيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين ذريعي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي. رپورٽ موجب ڀارتي ڳجهي ايجنسي(را) ڀاڙي جي قاتلن ذريعي پاڪستان ۾ 6 ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي. اپريل 2024 ۾ لاهور جي رهواسي تانبا جنهن جو اصل نالو عامر سرفراز آهي انهي کي گولين جو نشانو بنايو ويو. اهو واقعو به ٻين ملڪن جيان ڀارتي ڳجهي قتل واري مهم جو حصو آهي.رپورٽ ۾چيو ويو آهي ته اهڙي طرح ڀارتي ايجنسي(را) پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي نشانو بنايو. شاهدين مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستاني ماڻهن جي قتل ۾ ڀارت ملوث آهي. 2021 کان پوءِ ڀارت جي انٽيليجنس ايجنسي(را) پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڳجهي مهم هلائي جنهن ۾ ڪيترن ئي پاڪستاني شهرين کي نشانو بنايو ويو.واشنگٽن پوسٽ موجب 2014ع ۾ ڀارتي قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت ڊوول چيو هو ته پاڪستان تي حملو ڪرڻ غير حقيقي آهي پر اسان پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳجها ذريعا استعمال ڪري سگهون ٿا.آمريڪي اخبار لکيو ته ڀارت آمريڪا، ڪينيڊا ۽ يورپي ملڪن ۾ عدالت کان مٿانهان قتل ڪرايا، ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي(را) سک اڳواڻن کي قتل ڪيو، جڏهن ته را جي آفيسر ڪاوش ياديو نيويارڪ ۾ سک عليحدگي پسند اڳواڻ تي قاتلاڻي حملي جي هدايت جاري ڪئي. آمريڪي اخبار موجب ڪينيڊين اختيارين به ڀارتي سفارتڪارن ۽ (را) جي دهشتگردي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.انهي حوالي سان سفارتي ماهرن چيو آهي ته گذريل سال به پاڪستاني شهرين محمد رياض ۽ مولانا شاهد لطيف جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جون شاهديون سامهون اچي چڪيون آهن. انهي کان اڳ به پرڏيهي وزارت شاهدين سان پاڪستاني زمين تي ڀارتي دهشتگردي کي بي نقاب ڪري چڪي آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارتي جارحيت، دهشتگردي ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي تي سڄي دنيا کي سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي، ٻين ملڪن ۾ ڀارتي دهشتگردي، مداخلت ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ عالمي امن جي لاءِ خطرو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔