ب فارم ۾ ٻارن جي آڱرين جا نشان ۽ تصويرون شامل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : حڪومت 10 سالن کان مٿي عمر جي ٻارن جي فنگر پرنٽس ۽ تصوير کي بي فارم جو لازمي حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.گهرو وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فيچرز تحت 10 سالن کان مٿي عمر جي ٻارن جي فنگر پرنٽس ۽ تصويرون کي بي فارم جو لازمي حصو بڻايو ويو آهي ۽ خاص بي فارم (رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ) 15 جنوري کان مرحليوار جاري ڪيو ويندو.گهرو وزارت موجب نادرا ۽ پاسپورٽ کاتي جي سهڪار سان ٻارن جي فنگر پرنٽس، بي فارم ۾ تصويرون شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.گهرو وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ 10 سالن کان مٿي ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جا فنگر پرنٽس ۽ تصويرون 15 جنوري کان ورتيون وينديون، نادرا سينٽرن تي فنگر پرنٽس ۽ تصويرون ورتيون وينديون.ان حوالي سان ڳالهائيندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته قدمن سان ٻارن جي سڃاڻپ جي معلومات جي چوري ۽ غلط استعمال کي روڪڻ ۾ مدد ملندي، ٻارن جي جعلي شناختي ڪارڊ، غير قانوني پاسپورٽ جي حصول ۽ انساني اسمگلنگ کي روڪڻ ۾ مدد ملندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔