شام ۾ باغين پاران سرڪاري فوجن لاءِ معافي جو اعلان

دمشق : شام ۾ باغين جن بشار الاسد کي اقتدار تان هٽايو، سرڪاري فوج لاء عام معافي جو اعلان ڪيو.پرڏيهي خابرو اداري موجب اپوزيشن تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ محمد البشير کي عبوري انتظاميا جو سربراهه بڻايو ويو آهي.باغين بشار الاسد جي دور جي وزير اعظم غازي الجالي کي هدايت ڪئي آهي ته هو اقتدار جي پرامن منتقلي ۾ تعاون ڪن ۽ شام جي سفيرن کي ٻاهرين ملڪ ۾ ڪم جاري رکن.ٻئي طرف روس ۾ شام جي سفارتخاني تي نئون شام جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو.دمشق ڏانهن ويندڙ رستن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.ميڊيا رپورٽن موجب برطانيا، فرانس، جرمني، آسٽريا ۽ يونان شامي پناهگيرن جي درخواستن تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔