اسلام آباد: گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته غيرقانوني ترسيل پرڏيهن کي اسلام آباد ۾ رهڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپا ۽ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ آءِ سي سي چيمپين ٽرافي منعقد ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون.
نيٽلي بيڪر چيمپين ٽرافي جي پاڪستان ۾ منعقد ڪرڻ جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. جڏهن ته انهن گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار به ڪيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ايف آءِ اي کي ايف بي آءِ جيان جديد ترين ادارو بنائڻ چاهيون ٿا ۽ ايف آءِ اي اصلاحات بابت مدد تي آمريڪا جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو تعداد وڌائڻ ۾ آمريڪي تعاون اهميت جوڳو آهي، هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سول آرمڊ فورسز کي جديد اوزارن جي فراهمي وقت جي ضرورت آهي.
محسن نقوي چيو ته سول آرمڊ فورسز کي جديد اوزارن ۽ سازوسامان سان ليس ڪرڻ اولين ترجيح آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ بهترين لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته قانوني دستاويزات رکندڙ ڪنهن به پرڏيهي کي اسلام آباد مان نه پيو ڪڍيو وڃي. البته غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي اسلام آباد ۾ رهڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي