اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اصغر خان ڪيس ۾ ڳجهن ادارن ۾ سياسي سيل ختم ڪرڻ جي رپورٽ طلب ڪندي ايڊيشنل اٽارني جنرل کي دفاع واري وزارت جو جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته سياسي سيل ته حساس ادارن ۾ اصغر خان ڪيس فيصلي کان پوءِ ختم ڪيا ويا هئا، جسٽس مسرت بلالي ريمارڪس ڏنا ته انهي جو مطلب آهي ته ڳجهن ادارن ۾ سياسي سيل هئا.
وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏنا ته اها مڃڻ جوڳي حقيقت آهي ته ڳجهن ادارن ۾ سياسي سيل هو جن ماڻهن 1990 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي انهن جي خلاف ڪهڙو ايڪشن کنيو ويو. اسلم بيگ، اسد دراني ۽ يونس حبيب چونڊن ۾ ڌانڌلي جو اعتراف ڪيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ايف آءِ اي جي انڪوائري ۾ رقم ورهائڻ جون شاهديون نه مليون آهن اصغر خان درخواستگذار هئو اهو به فوت ٿي چڪو آهي.
جسٽس جميل مندوخيل چيو ته ايف آءِ اي جو جيڪو ڪم ڪرڻ جهڙو هو ڇا اهو ڪيو ويو، ڇا ڳجهن ادارن جي سربراهن سياسي سيل جي خاتمي جو حلفيه بيان ڏنو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ڳجهن ادارن جو آئين ۽ قانون جي تحت سياست ۾ ڪوبه ڪردار نه آهي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن پهريان حلفيه بيان نه ورتو ويو ته ڳجهن ادارن جي سربراهن کان اڄ حلفيه بيان وٺنداسين.
ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏنا ته اصغر خان ڪيس فيصلي تي عمل ڪيو ويو آهي، ڳجهن ادارن ۾ سياسي سيل کي عدالتي فيصلي کان پوءِ ختم ڪيو ويو هو. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ايف آءِ اي عدالت کي مطمئن ڪري ته عدالتي فيصلي تي عمل ٿي چڪو آهي. جنهن کان پوءِ آئيني بينچ دفاع واري وزارت جي رپورٽ طلب ڪري ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي