دنيا ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ رکندڙ ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان ٽاپ 10 ته ڇا ٽاپ 100 ۾ به شامل ناهي.
انٽرنيٽ ويب سائيٽ ورلڊ پاپوليشن ريويو جي موبائل ۽ براڊ بينڊ انٽرنيٽ جي رفتار بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي.
رپورٽ موجب پاڪستان موبائل ۽ براڊ بينڊ انٽرنيٽ اسپيڊ ۾ 198هين نمبر تي آهي.
تيز ترين موبائل انٽرنيٽ رکندڙ ملڪن ۾ گڏيل عرب امارتن جو پهريون نمبر آهي، جتي سراسري رفتار 297.62 ميگا بائٽس في سيڪنڊ آهي، جڏهن ته سنگاپور 297.57 ميگا بائٽس في سيڪنڊ اسپيڊ سان ٻئي نمبر تي آهي.
ان فهرست ۾ هانگ ڪانگ جو ٽيون، چلي جو چوٿون، آمريڪا جو پنجون، ٿائلينڊ جو ڇهون، فرانس جو ستون، ڊنمارڪ جو اٺون نمبر آهي.
224 ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان 198هين نمبر تي آهي، پاڪستان ۾ موبائل انٽرنيٽ جي سراسري ڊائون لوڊ اسپيڊ 19.59 ميگا بائٽس في سڪنڊ، براڊ بينڊ جي سراسري ڊائون لوڊ اسپيڊ 15.52 ايم بي پي ايس آهي.
پچھلی پوسٹ